کنوڻ زميني سطح يا ڪنھن جسم (شي) تي ڇو ڪِرندي آھي

 کنوڻ زميني سطح يا ڪنھن جسم (شي) تي ڇو ڪِرندي آھي؟

کنوڻ برقي چارجن جي خارج ٿيڻ جو عمل آھي، جيڪو ڪڪرن ۽ زميني سطح يا ڪڪرن منجھ چارجن جي توازن جي خلل سبب پيدا ٿئي ٿو. گهڻو ڪري کنوڻ ڪڪرن جي اندر ٿئي ٿي. طوفان ھلندي طوفاني ڪڪرن منجھ برسات، آسماني برف يا برف جي ذرڙن جي ٽڪر سبب طوفاني ڪڪرن ۽ زميني سطح جي وچ ۾ چارج جي توازن ۾ خلل وڌي وڃي ٿو ۽ گهڻو ڪري ڪاٽو چارجون ڪڪرن جي ھيٺين ڇيڙن تائين پھچي وڃن ٿيون. زمين تي موجود جسم (شيون) جھڙوڪ منارا، وڻ ۽ زميني سطح پاڻ واڌو چارج وارا بڻجي ويندا آھن جنھن جي نتيجي ۾ چارج جي وچ ۾ موجود توازن ۾ خلل پيدا ٿي وڃي ٿو جنھن جو تدارڪ طبعي طور تي بجليءَ جي وھڪري کي ٻن چارجن جي وچ ۾ گذارڻ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. کنوڻ تمام گهڻي گرم ھوندي آھي، جنھن جي ھڪ تجلي ڀرپاسي موجود ھوا کي سج جي سطح تي موجود گرمي پد کان پنج ڀيرا وڌيڪ گرمي پد وارو بڻائي سگهي ٿي. اھو گرمي پد، ڀرپاسي جي ھوا کي تيزي سان ڦھلجڻ ۽ لرزش جو سبب بڻجي ٿي جنھن جي ڪري گجگوڙ پيدا ٿئي ٿي، جنھن کي اسان کنوڻ جي چمڪ ڏسڻ جي ڪجھ دير کان پوءِ ٻڌندا آھيون.

جيئن تہ ڪڪرن جي ھيٺيان وارن حصن تي ڪاٽو چارج ھونديو آھي جڏھن تہ زميني سطح تي واڌو چارجون ھونديون آھن تنھنڪري جڏھن ڪڪر زميني سطح تي ويجھو ايندا آھن تہ زميني سطح تي مخالف چارجن جي موجودگي برقي ميدان جي سگه (طاقت) کي وڌائي ڇڏي ٿي جنھن جي ڪري ڪڪرن ۾ موجود ڪاٽو چارجون زميني سطح ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون انھيءِ سبب جي ڪري کنوڻ زميني سطح يا ڪنھن جسم (شي) تي ڪِري پوندي آھي. جيئن تہ ڪجھ جسم (شيون) جھڙوڪ؛ ڪا بلند عمارت، ڪو وڻ زميني سطح جي ڀيٽ ۾ ڪڪرن جي وڌيڪ ويجھو ھوندو آھي تنھنڪري ڪڪرن انھن جسمن (شين) ڏانھن وڌيڪ ڇڪجن ٿا انھيءِ سبب جي ڪري گهڻو ڪري کنوڻ ڪنھن وڻ تي ڪِري ٿي جڏھن تہ بلند عمارتن کي کنوڻ جي لٺن (Lightning rods) جي نالي سان سڏجندڙ لٺون لڳائي ڪري محفوظ بڻايو ويندو آھي. جڏھن بہ ڪڪر انھن بلند عمارتن سان ٽڪرائجن ٿا تہ انھن طرفان خارج ڪيل چارجون انھن لٺن ذريعي زميني سطح ڏانھن منتقل ٿي وينديون آھن ۽ اھڙي ريت عمارت محفوظ رھندي آھي.

ڊاڪٽر يوسف سومرو

انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو


Comments

Popular posts from this blog

Check Blood pressure at Home

سون جي تور ۽ ڪيرات ڇا آھي