Posts

Showing posts from August, 2023

ڊائلاسز کان بچائڻ ۽ گردن جي صفائي واريون شيون!

گردا اسان جي جسم جا اهڙا عضوا آهن جيڪي رت کي فلٽر ڪري جسم اندران بيڪار مادن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن گردن جي ڪم ڪار ۾ خلل پوي ته انسان جي صحت تباهه ٿي ويندي آهي. اڄڪلهه گردن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي ته رت جي هٿرادو طور فلٽر ڪرڻ واري طريقي ڊائلاسز جي مريضن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي پر ڪجهه اهڙا طريقا به آهن جن تي عمل ڪري علاج واري موتمار طريقي ڊائلاسز کان بچي سگهجي ٿو نمبر هڪ جاڻ جو پاڻي گردن کي صاف ڪرڻ لاءِ جاڻ جو پاڻي ٻن طريقن سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، هڪ ته جاڻ جو پائوڊر ٺاهي انکي هلڪي گرم پاڻي سان استعمال ڪجي ته گردن جي صحت بهتر رهندي ۽ ٻيو رات جي وقت جاڻ کي پاڻي ۾ پسائي رکجي، صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان نيراني اهو پاڻي پي جاڻ کي چٻاڙي کائجي ته گردن سميت جگر جي به صفائي ٿي ويندي ۽ دل به محفوظ رهندي. نمبر ٻه لوڻ جو گهٽ استعمال گردن ۾ رت فلٽر ڪرڻ جي صلاحيت ته هوندي آهي پر اهي لوڻ کي جذب ناهن ڪري سگهندا جيڪڏهن جسم ۾ لوڻ جو مقدار وڌي وڃي ته گردن جي ڪم ڪار ۾ رنڊڪ بڻجندي رهندي آهي، انڪري مختلف کاڌن ۾ لوڻ جو گهٽ استعمال ڪرڻ سميت سلاد، ڏهي ۽ ٻين شين تي لوڻ ٻرڪي کائڻ کان...