Posts

Showing posts from February, 2021

Jackal (گدڙ)

 گدڙ (Jackal) گدڙ شايد اهڙو جهنگلي جانور آهي جنهن هي نالي کان تہ سڀئي واقف آهن پر ڳوٺن ٻهراڙين جا ننڍا وڏا سڀئي هن جانور کي چڱي نموني سڃاڻن بہ. هي بظاهر تہ ڪتي جو ويجهو عزيز آهي پر ڪتي وانگر هن پاڻ کي انسانن جو غلام بنائڻ پسند نہ ڪندي جهنگ وسايو. لوڪ آکاڻين جو اهم ڪردار ۽ مثالن ۾ بہ مشهور. عام طور تي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ سان گڏ سياڻپ ۽ چالاڪي بہ گدڙ سان منسوب ٿيل  هوندي آهي. گوشت خور تہ آهي ئي پر بک مٽائڻ لاءِ سبزي خوري بہ ڪري ويندو آهي. سنڌ ۾ گدڙ جي فقط هڪڙي ئي جنس ٿيندي آهي جنهن کي انگريزي ۾ Golden Jackal سڏيندا آهن ۽ سائنسي سڃاڻپ Canis aureus جي نالي سان ٿيندي اٿس. گدڙن جي هي جنس اوڀر ۾ ويتنام کان وٺي اولھ ۾ يورپ تائين پکڙيل آهي. هي جنس افريڪا آسٽريليا ۽ آمريڪا کنڊن ۾ ڪون ٿئي ۽ نہ ئي مٿي اترين سرد علائقن چين منگوليا يا روس ۾ ٿئي. ماهرن موجب گدڙن جو هي نسل اڄ کان 20 هزار سال پهرين هندستان کان ئي ٻين علائقن ڏانهن پکڙيو. گدڙ جي هن نسل جو قديم ترين فاسل بيروت ويجهو مليو جيڪو 7 هزار سال قديم چيو ٿو وڃي. هي سٻاجهو جانور اسان وٽ خدا ڪارڻ بيڪار ۽ قابل نفرت ليکيو ويندو آهي. شل نہ ڪٿي ڪنه...