Jackal (گدڙ)
گدڙ (Jackal)
گدڙ شايد اهڙو جهنگلي جانور آهي جنهن هي نالي کان تہ سڀئي واقف آهن پر ڳوٺن ٻهراڙين جا ننڍا وڏا سڀئي هن جانور کي چڱي نموني سڃاڻن بہ. هي بظاهر تہ ڪتي جو ويجهو عزيز آهي پر ڪتي وانگر هن پاڻ کي انسانن جو غلام بنائڻ پسند نہ ڪندي جهنگ وسايو. لوڪ آکاڻين جو اهم ڪردار ۽ مثالن ۾ بہ مشهور. عام طور تي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ سان گڏ سياڻپ ۽ چالاڪي بہ گدڙ سان منسوب ٿيل هوندي آهي. گوشت خور تہ آهي ئي پر بک مٽائڻ لاءِ سبزي خوري بہ ڪري ويندو آهي.
سنڌ ۾ گدڙ جي فقط هڪڙي ئي جنس ٿيندي آهي جنهن کي انگريزي ۾ Golden Jackal سڏيندا آهن ۽ سائنسي سڃاڻپ Canis aureus جي نالي سان ٿيندي اٿس. گدڙن جي هي جنس اوڀر ۾ ويتنام کان وٺي اولھ ۾ يورپ تائين پکڙيل آهي. هي جنس افريڪا آسٽريليا ۽ آمريڪا کنڊن ۾ ڪون ٿئي ۽ نہ ئي مٿي اترين سرد علائقن چين منگوليا يا روس ۾ ٿئي. ماهرن موجب گدڙن جو هي نسل اڄ کان 20 هزار سال پهرين هندستان کان ئي ٻين علائقن ڏانهن پکڙيو. گدڙ جي هن نسل جو قديم ترين فاسل بيروت ويجهو مليو جيڪو 7 هزار سال قديم چيو ٿو وڃي.
هي سٻاجهو جانور اسان وٽ خدا ڪارڻ بيڪار ۽ قابل نفرت ليکيو ويندو آهي. شل نہ ڪٿي ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر پويس هرڀرو بہ کيس ڌڪ وهائي ڪڍندو، ڳوٺاڻا ماڻهون ڪتا بڇي مارائيندس. پر اهڙين جٺين ۽ تعدين جي باوجود بہ هي ويچارا لڪي لڪي پيا زندگي گذارين.
ماڻهون چوندا تہ گدڙ ڀلا ڪهڙي ڪم جو؟ خاص ڪري آبادگار طبقو تہ هن کي پنهنجو دشمن ليکيندو آهي. پر کين اهو علم ئي ڪونهي تہ نفرتن، ڌڪار ۽ بي رحم تشدد جي نشاني تي رهندي بہ هي فصلن باغن مان نقصانڪار جيتن سميت نانگن بلائن کي بہ کائي ناس ڪندو رهندو آهي. ڪافي عرصو اڳ اسرائيل پنهنجي ملڪ ۾ گدڙن کي مارائڻ شروع ۽ جيئن ئي اتي گدڙن جي آبادي گهٽي تہ نانگ جي ڏنگ وارا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا. اسرائيلي ماهرن جا ڪن اڀا ٿيا ۽ پوء تحقيق مان ثانت ٿين تہ زهريلا نانگ گدڙن جي آبادي گهٽجڻ سبب وڌي ويا آهن. تنهن کان پوءِ انهن گدڙ مار مهم ئي ختم ڪري ڇڏي.
قدرت جو هي نظام خالق ڪائنات تخليق ڪيو آهي ۽ خالق جي ڪا بہ تخليق فضول ۽ بيڪار نه هوندي آهي. ڪاش اسان کي بہ شل اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي سگهي.
(تحریر: مير الطاف حسين ٽالپر. صوڀوديرو)
Comments